اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فضائيه جي لازوال قربانين ۽ پيشيواراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته 7 سيپٽمبر 1965ع جي ڏينهن پاڪ فضائيه جي شاهينن جرئت، بهادري ۽ شجاعت جي تاريخ رقم ڪئي. تعداد ۾ گهٽ هئڻ باوجود پاڪ فضائيه جي بهادر جوانن پنهنجي بهادري سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان يوم فضائيه تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ايم ايم عالم هڪ منٽ اندر دشمن جا 5 ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪري دشمن جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، سموري قوم کي پاڪ فضائيه تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وطن لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فضائيه جي شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا.