اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) دهشتگر??ي جي خاتمي واري عدالت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي بري ڪري ڇڏيو آهي نجي ٽي وي چ??نل موجب دهشتگر??ي جي خاتمي واري عدالت وزيراعظم عمران خان جي بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي، دهشتگر??ي جي خاتمي واري عدالت جي جج راجا جواد عباس وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، سرڪاري وڪيل پاران به وزيراعظم عمران خان جي درخواست جي حمايت ڪئي وئي ??ئي?? وزيراعظم جي وڪيل بريت جي درخواست تي لکت ۾ دليل جمع ڪرائي موقف اختيار ڪيو هو ته عمران خان کي ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ ڦا??ايو ويو، ان جي خلاف ڪو به ثبوت نه آهي، نه ئي ڪنهن گواه ان جي خلاف بيان ڏنو آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ اهو هڪ سياسي ڪيس آهي جنهن ۾ سزا جو ڪو به امڪان نه آهي ان لاءِ وزيراعظم عمران خان کي بري ڪيو وڃي، وزيراعظم ۽ ٻين جي خلاف 2014ع جي ڌرڻي دوران ڪيس داخل ڪيو ويو هو.