اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪو??ونا وائرس جي وبا جي ڪري پي آءِ اي جو هر مهيني خس??رو 5 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، بيشڪ مون سميت پوري ڪابينا جو احتساب ڪيو وڃي جڏهن ته انهن ماڻهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم ۽ 6، 6 ڀيرا وزارتن ۾ رهي هن غريب ملڪ کي نقصان پهچايو، نيب ??اچ جي آجيان ڪندس ۽ چاهيان ٿو ته منهنجي 1970ع کان 2020ع تائين سمورن اثاثن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڪو??ونا وائرس وبا جي موجوده صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺند?? هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته پوري دنيا ڪو??ونا وبا جو شڪار آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايوي ايشن آپريش?? معطل ٿيو. پاڪستان ۾ به اها صورتحال درپيش آئي.