اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن شهيدن جي مائرن کي خاص سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرزندن جي عظيم قرباني ڏني آهي، پاڪستان جو?? مائرون دنيا ۾ ان لحاظ کان منفرد آهن ته پنهنجي فرزندن جي شهادت تي الله جو شڪر ادا ڪن ٿيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته بلوچستان ۾ بارودي سنگهه سان گاڏي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ش??يد ٿيندڙ ميجر نديم عباس ۽ ٻ??ن جوانن، انهن جي مائرن ۽ گهرڀاتين کي اڄ قوم سلام پيش ڪري ٿي.