اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سندس چين جي دوري جو مقصد ڪرونا وائرس جي حوالي سان پاڪستان ط??فان چيني حڪومت عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. چين جي دوري تي روانگي کان اڳ صدر چيو ته کيس ان دوري جي دعوت سندس چيني هم منصب شي جن پنگ ڏني آهي، چين ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان ط??فان تعاون ۽ ان تي ڪيل ڀروسي تي ٿورو ??دا ڪرڻ چ??هي ٿو.