ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني پاڪستان ۾ وڏو مسئلو رهيو ??هي?? بااثر ماڻهن، هڪ هٺي گروپ ۽ سياسي مافيائون پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿيون ۽ مرضي سان قيمتون وڌائي ڇڏين ٿا ۽ غريب جو استحصال ڪن ٿا، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جو مقابلو ڪرڻو ??هي?? مهاتير محمد اسان جي لاءِ رول ماڊل ??هي?? ملائيشيا جو معاشرو تحمل ۽ برداشت سان مالامال ??هي?? ڪوالالمپور سربراهه اجلاس جو مقصد سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو گڏيل مقابلو ڪرڻ هو، مسلمان دنيا جي قيادت اولهه کي اسلام جو حقيقي چهرو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي ??هي?? انتهاپسند پروپئگنڊه جي ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خ??اب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بابت قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن منهنجو ويزن آهي.