اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊ??ٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙو سنڌ جي ڀائيچاري، امن، س??امتي ۽ اخوت جو ضامن آهي. سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي کان وٺي ڪشمور ??ائ??ن، ڪينجهر کان وٺي ڪارونجهر ??ائ??ن ثقافتي رنگن ۾ رڱيل سمورن شهرن، ڳوٺن ۽ بستين جي سنڌي ڀائرن کي مبارڪباد ڏني آهي.