سرينگر-25 جنوري (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??يري اڄ ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي باور ڪرائڻ آهي ته ڀارت ڪش??يرين کي ان جو حقِ خوداراديت ڏيڻ کان لاڳيتو انڪار ڪري رهيو آهي. ڪش??ير ميڊيا سروس مطابق ڪاري ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ??ني آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان والاريل ڪش??ير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ آزاد ڪش??ير، پاڪستان ۽ مختلف ملڪن جي گادي وارن شهرن ۾ ڀارت مخالف مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون ته جيئن عالمي برداريءَ کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت جنهن ڪش??يرين جا سمورا بنيادي حق ختم ڪيا آهن ۽ ان کي والاريل علائقي ۾ پنهنجو يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق حاصل ن?? آهي. صداءِ مظلومين، ڄمون ڪش??ير ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، تحريڪ آزادي ڄمون ۽ ڪش??ير، ڄمون ۽ ڪش??ير لبريشن الائنس، ڄمون ۽ ڪش??ير پوليٽيڪل ريزسٽنس موومينٽ ۽ يوٿ فريڊم فائٽرز پنهنجي بيانن، پيغامن ۽ پوسٽرن ذريعي سرينگر ۽ وادي ڪش??ير جي ٻين علائقن جي عوام کان ڀارتي يوم جمهوريه جي سرڪاري تقريب جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ پنهنجي گهرن، دڪانن ۽ ٻين عمارتن تي ڪارا جهنڊا ڦڙڪائڻ جي اپيل ڪئي آهي. ان حوالي سان والاريل ڪش??ير جي مختلف علائقن ۾ گذريل هڪ هفتي کان ??سل??ل پوسٽر لڳايا پيا وڃن.