اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين تي لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي سان ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ فڪري سرمائي جي منتقلي جي لاءِ رابطا قائم ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڊيسنٽ فزيشن سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر آصف سيد سان ملا??ات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملا??ات ڪئي. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ اعليٰ تعليمي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ادارن جي وچ ۾ ڄا?? جي منتقلي جي لاءِ پاڪستاني ادارن سان رابطو پيدا ڪر?? جي ڪوشش ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ تازي ٻوڏ دوران پاڪستاني ڊيسنٽ فزيشنز سوسائٽي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيو. صدر چيو ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته سوسائٽي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ فني ترقي آڻڻ ۾ فعال ڪردا ادا ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر آصف سيد سوسائٽي جي ڪردار ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن بابت صدر کي بريفنگ ڏني.