اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي وزيراعظم عم??ان خان تي وزيرآباد ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ معظم شهزاد گوندل جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب ص??ر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر ح??لي آور کي پڪڙيندڙ ابتسام حسن سان پڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي ابتسام حسن کي ??اباس ڏني ۽ ان جا ٿورا به مڃيا.