اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??يف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه ڪالهه سومر ڏينهن الوداعي مُلاقات ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف آرمي ??يف جنرل قمر جاويد باجوه جي پاڪ فوج، مُلڪي دفاع ۽ قومي مفادن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب وزيراعظم جيو اڪنامڪس جي اهميت جي حوالي سان جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪردار کي ساراهيو، وزيراعظم چ??و ته فيٽف جي گري لسٽ ما?? پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ سميت مختلف بحرانن ۾ جنرل قمر جاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪ فوج مثالي خدمتُون سرانجام ڏنيُون، دهشتگردي جي لعنت کي ڪچلڻ لاءِ جنرل قمر جاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪ فوج وڏي بهادري، شجاعت ۽ بهادري سان ڪردار ادا ??يو?? هن چيو ته جنرل قمر جاويد باجوه تاريخ جي هڪ مُشڪل دور ۾ پاڪ فوج جي قيادت ڪئي، پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ جنرل قمر جاويد باجوه اهم ڪردار ادا ??يو?? هن چيو ته مُشڪل علائقائي صورتحال ۾ جنرل قمر جاويد باجوه قائداڻي ڪردار سان سي??يو??ٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ رُخ طئه ڪيو ويو، وزيراعظم چ??و ته پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻ جي لاءِ سمُورين سياسي قوتن کي ميثاق معيشت تي صحيحُون ڪري گڏيل ڏاهپ جو مُظاهرو ڪرڻو پوندو، وزيراعظم آرمي ??يف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي دُنيا جي بهترين فوج جي قيادت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، آرمي ??يف جنرل قمر جاويد باجوه قومي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل قمر جاويد باجوه جي مان ۾ مانجهاندو به ڏنو، آرمي ??يف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.