اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين احسن اقبال جي صدارت ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت، موصلات واري وزارت، چيف سيڪريٽريز ۽ هيلٿ سيڪريٽريز به موجود هئا. فو??م کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رستن ۽ ريلوي لائينن جي مرمت ۽ بحالي جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اين ايڇ اي جي چيئرمين فو??م کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي جي وڏي حصي ۾ پاڻي لهي چڪو آ??ي، اين فائيو تي 66 ڪلوميٽر حصي جي تعمير ۽ مرمت ۾ چين مدد ڪري رهيو آ??ي، اين 5 جي باقي متاثر حصن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ اي ڊي پي سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آ??ي، هن ٻڌايو ته سکر کان حيدرآباد موٽر وي لاءِ زمين حاصل ڪئي وئي آ??ي، ريلوي واري وزارت طرفان فو??م کي ٻڌايو ويو ته ايم ايل ون تي فريٽ ۽ مسافر ٽرينون مڪمل بحال ٿي ويون آهن، جيڪب سبي سيڪشن تي اڃان به ڪجهه پاڻي موجود آ??ي، ڪوئيٽا تفتان تي 104 پلين جي مرمت ڪئي وئي آ??ي، ايم ايل ٽو تي صرف ٻن پلين جي مرمت رهجي وئي آهي، فو??م رستن ۽ ريلوي لائينن جي بحالي لاءِ هن وق?? تائين کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فو??م کي صوبائي عملدارن صحت جي شعبي ۾ ٻوڏ کانپوءِ وبائي مرضن تي ضابطو آڻن جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو، سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري فو??م کي ٻڌايو ته اسان وٽ صحت جي شعبي ۾ ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي گهربل صلاحيت موجود آ??ي، ٽيلي ميڊيسن جي شعبي ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيون، 2500 نوان ڊاڪٽر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري رهيا آهيون، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڀرتي جو عمل مڪمل ٿي ويندو. بلوچستان جي صحت کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 1120 ليڊي هيلٿ ورڪرز جا گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿيا آهن، فو??م هدايت ڏني ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ صحت جي ٻي عملي جي نقصانن ۽ رليف بابت آگاهه ڪيو وڃي، اجلاس ۾ صوبائي عملدارن متاثر علائقن ۾ آبادگارن ۾ ربيع جي فصل لاءِ ٻج ??رهائڻ جي ميڪنزم کان آگاهه ڪيو. اين ايف آر سي سي صوبن کي پنجاهه سيڪڙو سبسڊي شيئرنگ بابت سمري جلد منظور ڪرڻ جي هدايت ڏني.