اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه پاران ٻوڏ متاثرين جي وقت سر مدد ۽ تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي، ٻوڏ ۽ برساتن سان جيتري تباهي ٿي ايتري پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺي، دوست ملڪن جي مدد سان ان جو مقابلو ڪنداسين. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي ??ي اظهار جي لاءِ ترڪيه جي وفد سان ڳالهائيندي وقت سر امداد تي ??رڪيه جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ??رڪيه جي وفد آفت سٽيل پاڪستان سان گڏ بيهڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو جي قيادت ۾ ترڪيه جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جي تعزيت ۽ يڪجهتي ??ي جذبن جو اظهار ڪيو ويو. سليمان سوئيلو ملڪ ۾ سمورن حصن خاص طور تي ??نڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ تباهي آڻيندڙ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر عوام جي ريسڪيو ۽ ريليف ۽ تباهه ٿيندڙ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي ڀرپور امدادي ڪاررواين کي ساراهيو. هن خاص طور تي ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت في متاثر خاندان 25000 رپين جي هنگامي رقم جي فراهمي تي ??ڪومت کي ساراهيو. هن ان روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام کي مستقل بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ٻوڏ متاثرين جي وڌ کان وڌ مدد ڪري سگهجي ۽ ٻوڏ کانپوءِ سماجي سطح تي متوقع نقصان کان بچي سگهجي. سليمان سوئيلو ترڪ حڪومت ۽ عوام پاران پاڪستان حڪومت جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ مالي تعاون ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف تباهي آنيندڙ قدرتي ??فت جي ان گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام جي لاءِ همدردي ??ي جذبن ۽ حمايت تي ??رڪ قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته ترڪيه سان اسان جي لاڳاپن کي منفرد اهميت حاصل آهي، هو اسان جو دوست ۽ ڀائر ملڪ آهي، 27 آگسٽ تي ??رڪيه جي صدر رجب طيب اردوان مون کي فون ڪري ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي ??عزيت ۽ همدردي ??و اظهار ڪندي مڪمل تعاون ج خاطري ڪرائي. اسان ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آهيون جنهن سد??ئين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي. ترڪيه جي ڪاروباري طبقي ۽ ٻين ادارن پاران به امدادي ??امان مليو آهي. وقت سر امداد تي ??رڪيه جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. ترڪ صدر سان ٽيليفون ڪال جي فوري پوءِ امدادي ??امان کڻي ترڪيه مان جهاز پاڪستان پهچڻ شروع ٿيا. 2 ٽرينون به سامان کڻي اچي رهيون آهن. هن اسان کي خيما، دوائن، خوراڪ سميت ٻيو سامان ڏنو جيڪو اسان متاثرين ۾ ورهائي رهيا آهيون. وزيراعظم ٻڌايو ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ طوفاني برساتن ۽ بوڏ سبب ڪجهه علائقا متاثر ٿيا. اهي برساتون 40 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ هيون. هن وفد جا پاڪستان اچڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته اهو هڪ شاندار پيغام آهي. پاڪستان جي عوام خيرسگالي جي ان جذبي کي ساراهي ٿي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان 300 ٻارن سميت هڪ هزار ماڻهو فوت ٿيا. ??کي?? ماڻهو بي گهر ۽ کليل آسمان هيٺ راتيون گذارڻ تي مجبور آهن. ??کي?? ايڪڙ تي ??يٺل فصل کي نقصان پهتو. لائيو اسٽاڪ کي شديد نقصان پهتو. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي تباهي ناهي ڏٺي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترڪيه سميت دوست ملڪن جي مدد سان اسان ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ ڪامياب ٿينداسين.