اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عوام جي حالتن تي انتهائي ڏک آهي، حڪومت جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچندي، عالمي ادارا ٻوڏ متاث??ين جي مدد جي لاءِ اڳتي اچن، اڪيلي حڪومت متاثر علائقن ۾ مڪمل بحالي جو ڪم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاث??ين جي مدد جي لاءِ انٽرنيشنل پارٽنرز سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز سميت چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن، صحت جي عالمي اداري جا نمائندا پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ??زي??اعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي جي صورتحال آهي، وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، گهرن، ملڪيتن کانسواءِ فصل، باغ ۽ انفراسٽرڪچر جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، رابطي جا رستا، پليون وهي وڃڻ ۽ زميني رستو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، پاڪ فوج ۽ هيليڪاپٽرز جي مدد سان ريسڪيو ۽ ريليف جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. ??زي??اعظم چيو ته 2010ع کان به و??يڪ ٻوڏ تباهي مچائي آهي، خوراڪ، دوائن، خيمن، عارضي پناهگاهن جي متاث??ين کي سخت ضرورت آهي. ??زي??اعظم چيو ته وفاقي حڪومت، صوبن، مرڪزي ۽ صوبائي کاتن جي حصيداري سان ڪم ڪري رهي آهي، فوري طور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، هر فوت ٿيندڙ خاندان کي 10 لک رپين جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، 25 هزار رپين جي ٻوڏ متاث??ين کي فوري روڪ ادائيگي ڪئي پئي وڃي جنهن تي 80 ارب رپيا خرچ ايندو، مجموعي طور تي 37 ارب رپين کان و??يڪ رقم ٻوڏ متاث??ين تي خرچ ٿيندي. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي جو ڪاٿو ايترو و??يڪ آهي جو اڪيلي وفاقي يا صوبائي حڪومتون متاث??ين کي مڪمل بحال نه ٿيون ڪري سگهن، عالمي ادارن، تنظيمن، ملڪن ۽ مالياتي ادارن جو هنگامي تعاون گ??رب?? آهي. ??زي??اعظم چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي حصي کي اڳ ۾ ئي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، په??ين ڏينهن کان ذاتي طور تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهيان، ??زي??اعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪيو آهي ته جيئن متاث??ين جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ و??يڪ تيزي اچي. هن چيو ته عالمي مالياتي ادارن، تنظيمن جي مدد سان متاث??ين جي مدد ۾ وڏي مدد ملندي، فوج، سرڪاري ادارا، شهري خدمتن جا ادارا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ رضاڪار مشڪل حالتن ۾ وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن، متاث??ين جي مدد ڪندڙ سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ عوام کي پيش ايندر مشڪل حالتن تي دل انتهائي ڏکويل آهي، جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچ?? چاهيون ٿا. ??زي??اعظم انٽرنيشنل پارٽنرز کي اپيل ڪئي ته اهي وسيلن جي دستيابي سان اسان جي مدد ڪن. هن چيو ته طبي عملي سميت درپيش حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري شين جي فراهمي گ??رب?? آهي. ??زي??اعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي متاثر علائقن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان حڪومت تباهه حال علائقن ۾ انٽرنيشنل پارٽنرز جي دوري جا انتظام ڪندي.