اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم آمريڪي حڪومت ۽ عوام طرفان يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام کي ??بارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ آمريڪي سفير چيو ته انهن 75 سالن ۾ ٻنهي ملڪن پائيدار شراڪتداري ۽ پنهنجي ماڻهن وچ ۾ مضبوط رشتا ٺاهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ??ه ڪهڙي ط??ح ان رشتي و??پا??ي لاڳاپن کي ??ضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي معاشي ترقي لاءِ ??مريڪا بدستور پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منزل آهي ۽ گذريل مالي سال ۾ آمريڪا جي پاڪستان ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.