اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نظريه پاڪس??ان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪس??ان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻ??ئڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻ??ي اڀرياسين، پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ڏني آهي، هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪس??ان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پاڪس??ان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي، اڄ اسا?? نظريه پاڪس??ان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪس??ان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻ??ئڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي ملڪ پاڪس??ان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪس??ان جي بانين جي لاتعداد قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڄ اسا?? نظريه پاڪس??ان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪس??ان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻ??ئڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي پڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. انهن تقريبن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪس??ان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پاڪس??ان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي. صدر چيو ته هن تاريخي موقعي کي ملهائڻ جي حوالي سان سمورن ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ڊائمنڊ جوبلي جي هن موقعي تي اسان کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين جو پڻ احاطو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻ??ي اڀرياسين پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ڏني. تازي ماضي ۾ اسان ڪورونا وبا تي پڻ ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪ فوج ۽ ??ان??ن لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته آئون پاڪس??ان جي پورهيتن، مزدورن، عورتن، ڪاروباري برادري، اقليتن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن پاڪس??ان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اڄ جي پاڪس??ان کي معاشي ۽ سياسي سطح تي مشڪلاتون درپيش آهن پر منهنجو پڪو يقين آهي ته هي قوم پنهنجي پڪي ارادي، حب الوطني، ڏينهن رات محنت، اتحاد، تنظيم، گڏيل هم آهنگي ۽ يڪجهتي سان انهن مشڪلاتن مان به سرخرو ٿي نڪرندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي اڄ آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندي غير??ان??ني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ۽ ڀارتي ڏاڍ جي شڪار ڀينرن ڀائرن کي پڻ نه وسارڻ گهرجي.