اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايوان صدر ڪشمير معاملن واري وزارت سان رابطي ۽ مشاورت کانپوءِ آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين سياسي نمائندن کي دعوت ڏيندو، اجلاس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلم??نن جي خلاف ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بين موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير صدر کان آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪو??ت لاءِ مناسب بجيٽ مختص ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير چيو ته آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مناسب بجيٽ مختص ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀارت جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي جي خصوصي عدالت پاران حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي غير قانوني ۽ سياسي بنيادن تي عمر قيد جي سزا جي سخت مذمت ڪئي، هن انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران والاريل ڪشمير جي مسلم??نن ۽ ڀارت جي ٻين اقليتن جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن.