اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لاهور ۾ پوليس اهلڪار ڪمال احمد تي فائرنگ ڪري ڳاڙهي لڪير پار ڪئي وئي، ميڊيا سياسي سرگرمين جي ڪوريج ڪري، پر شرپسند تشدد ۽ دهشت پکيڙڻ جي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪري، وزيراعظم شهباز شريف معيشت ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ جو پڪي ارادي جو اظهار ڪري چڪو آهي، پاڪستاني معيشت ۽ عوام کي بچائڻ لاءِ ريڊ لائين لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي، معيشت جي بحالي ۽ عوام جي رليف جي رستن ۾ ڳاڙهي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي، ڪنهن کي عبور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪس??ان جي معاشي خودمختياري کي بچائڻ لاءِ جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ سياسي استحڪام بنيادي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪس??ان کي تباهه ڪري وڃڻ وارن کي وڌيڪ تباهي پکيڙڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. معيشت ۽ عوام جي حفاظت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته معيشت جڏهن ته ٽيڪ آف ڪرڻ لڳندي آهي، عمران خان جي شرپسندي ان جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي، هن چيو ته سي پيڪ آيو، عظيم دوست صدر شي جن پنگ پاڪس??ان اچڻ جو اعلان ڪيو ته ڌرڻن جو اعلان ٿي ويو هو، اڄ پاڪس??ان جي معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جو آغاز ڪيو ويو آهي، ڪا مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. معيشت ۽ عوام کي رليف هڪ نڪاتي ايجنڊا آهي، ان تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. ان تي حملو برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته اڄ عوام کي به فيصلو ڪرڻو آهي ته چور ۽ فسادي ٽولي سان گڏ بيهڻو آهي يا ملڪ ج?? ترقي سان گڏ عوام ج?? ترجيح تعمير، ترقي ۽ خوشحالي آهي، هن چيو ته انهن شرپسندن ۽ فسادين کان عوام کي بچائڻ لاءِ هر قدم کنيا پيا وڃن. ملڪ ۾ معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ روزگار جي بحالي جي راهه ۾ سازش اچڻ نه ڏينداسين.