اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ ج??مر?? هڻڻ صحافين کي انهن جي پيشيواراڻي فرضن کان روڪڻ جي ڪوشش آهي، پوڻا چار سالن تائين پي ٽي آءِ ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز تي ظلم ڪيو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿي رهي آهي ۽ صحافين کي انهن جي ذميوارين کان روڪڻ جي لاءِ ج??مر?? لڳايا ويا آهن، اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري مان ج??مر?? فوري طور تي هٽايا وڃن. پنجاب اسيمبلي ۾ ج??مر?? لڳائڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلر ۾ ج??مر?? لڳايا ويا آهن، ملندڙ فوٽيج ميڊيا سان شيئر به ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پوڻا چار سالن تائين ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميديا ورڪرز تي ظلم ڪيو ويو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ ج??مر?? لڳائي ميڊيا ک?? صحافتي ذميوارين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان کان اڳ به جڏهن اها اليڪشن ٿيڻي هئي ان وقت به ميڊيا ک?? اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ ج??مر?? لڳل هوندا ته ميڊيا ڇا رپورٽ ڪندي؟ هن چيو ته ج??مر?? لڳائڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته اسيمبلي ۾ جيڪا ح??ڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا اها ميڊيا رپورٽ نه ڪري سگهي. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلر مان ج??مر?? هٽايا وڃن. مريم اورنگزيب چيو ته نالائق چورن جي ٽولي کي جهڙي طرح قومي اسيمبلي مان ٻاهر اڇلايو ويو آهي اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي کان به ٻاهر موڪليو ويندو. هن چيو ته ننڍي ذهنيت واريون حرڪتون بند ٿيڻ گهرجن، ج??مر?? کي فوري طور تي هٽايو وڃي.