راولپنڊي-12 اپريل (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين ??ار??يشن ڪمانڊورز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن ??ار??يشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي پيشوراڻي معاملن، قومي س??ام??ي جي درپيش چئلينجز ۽ روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي مُنهن ڏين لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏين لاءِ ??ار??يشنز جي آپريشنل تيارين ۽ ردعمل جي طريقيڪار تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو. فورم سرحدن ج?? حفاظت ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن ج?? عظيم قربانين ??ي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. فورم ڪجهه حلقن طرفان پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ ۽ اداري ۽ معاشري وچ ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي تازي پروپيگنڊا مهم جو نوٽيس ورتو ۽ قرار ڏنو ته پاڪستان ج?? قومي س??ام??ي مقدم آهي، پاڪ فوج ان ج?? حفاظت لاءِ ڪنهن به سمجهوتي کانسواءِ هميشه رياستي ادارن سان گڏ بيٺل ر??ي آهي ۽ رهندي. ??ار??يشن ڪمانڊرز آئين ۽ قانون ج?? حڪمراني کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جي عسڪري قيادت جي فيصلن تي ڀرپور ۽ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي ۽ هر طرح جي حالتن ۾ سڀني اندروني ۽ ٻاهرين خطرن خلاف پاڪستان ج?? علائقائي سالميت ۽ خودمختياريءَ جو دفاع جاري رکندي.