اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ تڪرارن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ل??ءِ تيار آهي، داعش، ايسٽ ترڪمانستان اسلامي موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ القاعده جهڙن ٻين دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ انساني الميي تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو، مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ?? تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪز ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي ل??ءِ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. هو اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سن??ال?? کانپوءِ افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ، انتهاپسندي جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو. هن چي?? ته مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ?? تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي ل??ءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چي?? ته هن وقت دنيا جي سمورن تڪرارن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رڳو مسلمان ملڪن ۾ موجود آهن، يمن، شام کان صوماليه تائين مختلف جايون تڪرارن جو شڪار آهن، دنيا ۾ ٻه ڀاڱي پناهگير شام، ميانمار، صوماليه، افغانستان مان اچي رهيا آهن، اسان کي اندروني انتشار ۽ چئلينجنز تي ضابطو آڻڻو پوندو، مسلمان امت جي ل??ءِ هي وقت آهي ته اها پنهنجي سرحدن جي اندر موجود شورشن تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري، اسان کي پوري دنيا ۾ اتهاد، انصاف ۽ ترقي جي ل??ءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي پر جارحيت يا ڏاڍ ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ڏيڻ گهرجي.