اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته عمران خان کي دو??و ڏيڻ وارو بي آبرو ٿيندو، ان جي ٽڪي جي عزت نه رهندي، ناراض ميمبرن جي لاءِ واپسي جا دروازا کليل آه??، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته عمران خان جي نالي تي ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيو ۽ ان کانپوءِ لوٽا بڻجي وڃو، اهڙا ماڻهو اڳ ۾ استعيفيٰ ڏين ۽ پوءِ پنهنجي تڪن ۾ وڃي اليڪشن وڙ??ن ۽ کٽي اچن، پوءِ جنهن کي چاهين ووٽ ڏين، سمورا ادارا هڪ پيج تي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن آفيس ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن کي دو??و ڏيڻ نامناسب آه??، جهڙي طريقي س??ن ماڻهو ويا آه?? انهن تي عوام ۾ ڪاوڙ آه??، انهن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آه?? ائين نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته توبهه جو دروازو سدائين کليل رهي ٿو، اسان اهو نه ٿا چئون ته اهي ماڻهو لازمي عمران خان کي ووٽ ڏين، اسان جو چوڻ آه?? ته اهي اڳ ۾ استعيفيٰ ڏين، پوءِ پنهنجي تڪن ۾ وڃي اليڪشن وڙ??ن ۽ کٽي اچن ۽ پوءِ جنهن کي چاهين ووٽ ڏين پر ائين نه ٿو ٿي سگهي ته اهي ماڻهو عمران خان جي نالي تي ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽين ۽ ان کانپوءِ لوٽا بڻجي وڃن ۽ پئسا وٺي پنهنجو پاڻ کي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين، اسان جو معاشرو ۽ سياست ان جي اجازت نه ٿو ڏي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي خواهش آه?? ته عمران خان بليڪ ميل ٿي ويندو ته ائين هرگز نه ٿيندو، مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، اڳ ۾ به چيو هو ته تلخيون ايتريون پيدا نه ڪريو جو پاڻ ۾ گڏجي ويهڻ ئي مشڪل ٿي وڃي، سنڌ هائوس ۾ ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، ائين پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ ڪڏهن به ناهي چاهيو. هن چيو ته تلخين کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آه??، مخالف ڌر لوٽي پن کان باز اچي ۽ آئين کي مٿانهون رکندي ??ن موجب اڳتي هلي. هن چيو ته جهڙي طرح (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجو 5 سالا مدو پورو ڪيو، اهڙي طرح پي ٽي آءِ جي حڪومت کي به پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سازشن سان عمران خان کي نه ٿو هٽائي سگهجي، عوام کي حق حاصل آه?? ته اها ڪنهن کي ٿي چونڊي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي بند ڪري رکيو ويو آه??، فون اچي رهيا آه?? ته اسان کي ٻاهر نڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان پنهنجو جلسو ڪري رهيا آه??ون ۽ مخالف ڌر پنهنجو جلسو ڪري، ڪو ٽڪراءُ نه ٿيندو، پنهنجا پنهنجا ڏينهن ۽ جڳهه مارڪ ڪري وٺو، آئين تحت اهو بنيادي حق آه??. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو اسپيڪر ئي ٻڌائي سگهي ٿو. هن چيو ته سمورا ادارا هڪ پيج تي آه??.