فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته معاشرا قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني سان ترقي ڪندا آه??، پاڪستان وڏن چورن کي سزا نه ملڻ جي ڪري تباهه ٿيو، ماضي ۾ ڪرپٽ حڪمرانن عوام کي صحت جهڙي بنيادي سهولتن کان به محروم رکيو، پنهنجي لاءِ ڌار پاڪستان ٺاهي ورتو ۽ پنهنجي کنگهه ج?? علاج به دبئي، آمريڪا ۽ لنڊن مان ڪرائيندا هئا، پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو نه هو ته ٽاٽا ۽ برلا جي جاءِ تي شريف ۽ زرداري اچي وڃن، 30 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ عوام کي انهن جي حقن کان محروم رکڻ وارا ۽ پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ سڀ وڏا چور اڄ منهنجي خلاف گڏ ٿي ويا آه??، آئون ان ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيو آه??ان، ڪرپٽ ماڻهن جو مقابلو ڪرڻ آيو آه??ان ۽ انهن قبضا گروپن ۽ ظالمن کي قانون جي هيٺ آڻيندس، اهي انهي لاءِ مون کان ڊڄندا آه?? ۽ چاهين ٿا ته منهنجي حڪومت جلد ختم ٿي وڃي، پاڪستان هاڻي صحيح رستي تي هلي رهيو آه?? ۽ اسان جي حڪومت اهڙو نظام آڻي رهي آه?? جنهن ۾ ڪو طاقتور ڪنهن ڪمزور جو وقت نٿو کائي سگهي. هو هتي فيصل آباد ڊويزن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي وزير اسد عمر، شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻيا موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ پاڪستان کي مديني جي رياست جي اصولن موجب ٺاهڻ جي سلسلي جي ڪڙي آه??. ڪنهن صوبي جي لاءِ چار سئو ارب روپين جي هيلٿ انشورنس فراهم ڪرڻ آسان نه آه??، 74 سالن جي تاريخ ۾ ڪيترائي صدر ۽ وزيراعظم آيا پر ڪنهن عوام کي اها سهولت فراهم ڪرڻ جي باري ۾ نه سوچيو، غريب ماڻهو ڪينسر ۽ دل جي مرض سميت جڏهن مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيندا آه?? ته علاج جو خرچ برداشت نه ڪرڻ جي ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويندا آه??. پر هاڻي رياست عوام جي صحت جي ذميداري ورتي آه?? ۽ غريب ماڻهو ان صحت ڪارڊ جي ڪري ڪنهن به اسپتال مان پنهنج?? علاج ڪرائي سگهندا، وزيراعظم چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ جدوجهد ان لاءِ ڪئي هئي ته جيئن نبي ڪريم ﷺ جي تعليم موجب مديني جي رياست وانگر اسلامي فلاحي رياست قائم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن ۽ سرندي وارن اسپتالن جي معيارن کي بهتر بڻائڻ بدران پنهنجي لاءِ الڳ سهولتون حاصل ڪيون ۽ سرڪاري اسپتالن جو معيار ڪرندو ويو، جن ماڻهن جي ذميداري عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ هيو اهي پنهنجي کنگهه ج?? علاج به ڪرائڻ ٻاهر ويندا آه?? ۽ چيڪ اپ لاءِ ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن لنڊن ۽ ڪڏهن دبئي پهچندا آه??، اڄ سڀ چور جيڪي پهرين هڪٻئي کي چور چوندا هئا ۽ پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا گڏ ٿي ويا آه??، 30 سال ملڪ تي انهن جي حڪومت هئي پر انهن عوام جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي آبادي جي تناسب جي لحاظ کان سڀ کان گهٽ اسپتالون، ڊاڪٽر ۽ نرسون آه??. ڊسٽرڪٽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ناهن ايندا، حڪمران طبق?? پنهنجي لاءِ ڌار پاڪستان ٺاهي ورتو آه??. پاڪستان ٺاهڻ جو اهو مقصد نه هو ته ٽاٽا ۽ برلا جي جاءِ تي شريف ۽ زرداري اچي وڃن، منهنجو سياست ۾ اچڻ جو مقصد ٻه خاندان جيڪي ملڪ کي لُٽي رهيا هئا جي خلاف جهاد ڪرڻ هو، سنڌ جو هڪ ليڊر جيڪو چوندو آه?? ته وڌيڪ برسات ٿيندي آه?? ته گهڻو پاڻي ايندو آه??، اڄ چئي رهيو آه?? ته هيلٿ انشورنس تي پئسو خرچ نه ڪنداسين پر اسپتالون ٺاهينداسين، ته آئون انهن کان پڇان ٿو ته انهن هن وقت تائين اسپتالون ڇو نه ٺاهيون آه??، اهي عام ماڻهو جي مسئلن کان واقف ئي ناهن اهي ڪڏهن عام اسپتالن ۾ ناهن ويا، زرداري پئسي سان ماڻهن کي خريد ڪندو آه??، آئون سياست ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو مقابلو ڪرڻ آيو آه??ان، انهن ڪرپٽ ماڻهن جي هوندي پاڪستان جو مقصد حاصل نٿو ٿي سگهي. پاڪستان اسلامي فلاحي نظريي جي بنياد تي وجود ۾ آيو هو، نبي ڪريم ﷺ فرمايو هو ته پهريون قومون ان لاءِ تباهه ٿيون هيون جو غريب چوري ڪندو هو ته انهن کي سزا ڏيندا هئا ۽ اميرن کي ڇڏي ڏيندا هئا، پاڪستان وڏن چورن کي سزا نه ملڻ جي ڪري تباهه ٿيو، ڪو به معاشرو ۽ قوم قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني سان ئي اڳتي وڌندي آه??، برطانيه جهڙي ملڪ ۾ وزيراعظم تائين کي جوابده ٿيڻو پئجي رهيو آه??، پر هتي جن نوڪرن ، پاپڙ وارن ۽ ملازمن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين روپيا ايندا رهيا اهي قانون کان مٿانهون رهيا. سڀني کي خبر آه?? ته انهن وٽ چوري جو پئسو آه??، اهي برطانيه ۾ هجن ها ته ڪنهن کي شڪل نه ڏيکاري سگهندا هئا. هتي پارليامينٽ ۾ بيهي ڪري ڏيڍ ڏيڍ ڪلاڪن جون تقريرون ڪندا آه??، جيڪا اصل ۾ نوڪري جي درخواست هوندي آه?? ته جيئن انهن کي هڪ ٻيو موقعو ملي وڃي، جنهن ملڪ ۾ اهڙو نظام هجي جنهن ۾ صرف ننڍن چورن کي پڪڙيو وڃي ۽ وڏن کي نه پڪڙيو وڃي اهو ملڪ تباهه ٿي ويندو آه??. وزيراعظم چيو ته هڪ ڏوهاري جيڪو چوندو آه?? ته مون کي دل جي بيماري آه?? ۽ علاج لاءِ باهر ويو هو، هو اتي پنهنجون فيڪٽريون ڏسي رهيو آه?? ۽ هتي ڪجهه وڪيل چئي رهيا آه?? ته انهن کي ٻيهر موقعو ڏيو، انهن جي سڄي عمر جي نااهلي جي سزا ختم ڪريو، وزيراعظم چيو ته ڪنهن ملڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بم هڻڻ جي ضرورت ناهي پوندي جيڪي معاشرا ڪرپشن کي برو ناهن سمجهندا اهي تباهه ٿي ويندا آه?? جيڪي ماڻهو پيٽ ڦاڙي پئسو ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندا هئا هاڻي پيٽ جي لاءِ پاڻ ۾ گڏ ٿي رهيا آه?? ڇاڪاڻ جو انهن کي عمران جو خوف آه??. هو چاهين ٿا ته منهنجي حڪومت ختم ٿي وڃي ته پنهنجي ڪيسن ۾ ڊگهيون ڊگهيون تاريخون گهري وٺندا آه??، پر ان کي خبر آه?? ته آخرڪار انهن کي جيل وڃڻو آه?? ان لاءِ اهي مون کان ڊجي رهيا آه??، ۽ انهن جي خواهش اهي ته منهنجي حڪومت جلد ختم ٿئي مان هن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيو آه??ان ۽ ان قبضا گروپ ۽ ظالمن کي قانون هيٺ آڻيندس. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت اهڙو نظام آڻي رهي آه?? ته ڪو طاقتور ڪنهن ڪمزور جو حق نه ماري سگهي. عورتن کي وراثت جو حق نه ڏنو ويندو هو، پر اسان جي حڪومت انهن کي اهو حق ڏياريندي، ڇاڪاڻ جو نبي ڪريم ﷺ قرآني تعليم موجب 1500 سال پهرين انهن کي اهو حق ڏنو هو. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ جي ڪري هاڻي هارٽ ٽرانسپلانٽ جي سهولت به عام ماڻهو کي ميسر آه??، حڪومت ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نصاب کڻي اچي رهي آه??، اها ناانصافي آه?? ته وڏن ماڻهن جا ٻار انگريزي ميڊيم ۾ پڙهن ۽ عام ماڻهو جي لاءِ ڌار نظام هجي، اسان پنجين تائين هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪري ڇڏيو آه??، وزيراعظم چيو ته آئون چئلينج ڪريان ٿو ته عثمان بوزدار جو ٽي سالا دور نواز شريف جي 30 سالا دور کان بهتر آه??. پهريون ڀير?? پنجاب جي تاريخ ۾ عملي ڪم ٿي رهيو آه??، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي رهيو اهي جنهن سان فيصل آباد کي به تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ نيون انڊسٽريون لڳنديون، پاڪستان هاڻي ان رستي تي هلي پيو آه??، جنهن جو آئون خواب ڏسندو رهيس. ا