اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي ر??ءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي، صحافت ۾ ڪورٽ رپ??رٽر جو ڪردار تمام اهم آهي، ڪورٽ رپ??رٽرز ٽيڪينڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. هن چيو ته غير جانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، حڪومت فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چيو ته سڀني صحافين کي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان موقعي تي چوڌري ??واد حسين ايڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير کي صدر، نيو نيوز جي ذيشان سيد ??ي جنرل سيڪريٽري، سينئر نائب صدر رضوان قاضي، انڊپينڊنٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان کي نائب صدر ۽ حسين احمد کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.