اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ ترميمي بل 2021ع تي صحيح کي هڪ وڏو قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان ڌانڌلي جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ??هڙ?? خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ ترميمي بل 2021ع تي صحيحن جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، ۽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن سميت سا??نس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ??عليٰ آفسيرن شرڪت ڪئي. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ ترميمي بل 2021ع قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق حاصل ٿي ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي ??و استعمال ڪيو ويندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ ترميمي بل لاءِ ڀرپور ڪوششن ۽ اڻٿڪ ڪوششن تي وزيراعظم عمران خان کي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته گذريل سمورين چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن، 2013ع جي ??ليڪشن ۾ بيلٽ باڪس ۽ پرزائيڊنگ آفيسر گم ٿيا هئا، چونڊ ترميمي بل 2021ع جي قانون بڻجڻ کانپوءِ چونڊ بي ضابطگين ۽ ڌانڌلي کي روڪڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين واعدو ڪيو هو ته هو چونڊ عمل کي شفاف بڻائيندي، ماضي ۾ حڪومتن جا پنج سال ڌانڌلي جي ??لزامن جي نظر ٿي ويندا هئا، نئي قانون سازي کانپوءِ چونڊن جو عمل صاف ۽ شفاف انعقاد يقيني بڻجندو، هن چيو ته اسان جي ??واهش آهي ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃون اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين جي ??ريعي چونڊن جي لاءِ سڀني کي قائل ڪنداسين، اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين سان چونڊن جي ??فاف انعقاد ۾ سهولت ٿيندي، هاڻي ووٽرز جو بيلٽ پيپر ان جي ??امهون پرنٽ ٿيندو، صدر چيو ته اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين ڪيلڪوليٽر وانگر ڪم ڪندي آهي، اي وي ايم سان ووٽن جي چوري جهڙن الزامن جو خاتمو ٿيندو، ان مشين جي ??ريعي فورن نتيجو توهان جي ??امهون ه??ندو، چونڊن ۾ اوورسيز پاڪستانين جو به ايترو ئي حق آهي جيترو عام پاڪستانين جو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ ڪيترن ئي طريقن سان ڌناڌلي ڪئي ويندي هئي، پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن اسان جدت کي اختيار ڪنداسين. صدر چيو ته سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين جي مينوفيڪچرر نه آهي، هن پروٽوٽائپ مشين ٺاهي آهي ان ڳاله جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندو ته ان کي ڪهڙي مشين هجڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ٽائم لائن متعين ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن اي وي ايم کي حاصل ڪيو وڃي، ماڻهن کي اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته نئين قانونسازي تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به انٽرنيٽ وو??نگ جي ??ريعي راءِ جو حق استعمال ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي، نئين اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين ۾ هيڪنگ جو امڪان گهٽ آهي، ڪو به ملڪ نئين شيءَ تيار ڪري ترقي ڪندو آهي، پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن اسان پنهنجي ڪم ۾ جدت پيدا ڪنداسين، پاڪستان کي اي وي ايم سان گڏوگڏ انٽرنيٽ وو??نگ جي ??ه ضرورت آهي، هن اميد ظاهر ڪئي حڪومت عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو ان کي پورو ڪندي ته جيئن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي، صدر چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي هر تڪ ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳايو ويو، 2013ع ۾ اسان جو الزام هو ته ووٽ وڪرو ٿيندا آهن، ڪيترن ئي چونڊ تڪن ۾ 3 لک اضافي بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا جنهن تي اسان احتجاج ڪيو.