اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مختلف قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ قانونسازي، سياسي صورتحال ۽ پنهنجي تڪن ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سيد فيض الحسن، ??اج?? امتياز احمد چوڌري، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز احمد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽي، سردار طالب ??ڪئ??، راڻا محمد قاسم نون، ذوالفقار علي خان، چوڌري عامر سلطان چيما، مهر غلام محمد لالي، ن??اب شير وسير، صداقت علي عباسي، راءِ محمد مرتضيٰ، امجد علي خان ۽ عبدالغفار وٽو شامل ه??ا. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا.