اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کا??يا?? موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کا??يا?? موٽروي منصوبي جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيالڪوٽ – کا??يا?? موٽروي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ??ين??و. سيالڪوٽ – کا??يا?? موٽروي سمبڙيال انٽرچينج کان شروع ٿئي ٿي ۽ سيالڪوٽ ۽ گجرات جي ضلعن ۽ جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ويجهو کان گذري ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئي ٿي. ان موٽروي جي پڄاڻي کا??يا?? جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿئي ٿي. 4 لين جي ان موٽروي تي 5 انٽرچينجز، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا تعمير ڪيا ??ين??ا. ان منصوبي جي پي سي ون جي لاڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ??ين??و. سيالڪوٽ (سمبڙيال) کا??يا?? موٽروي جي تعمير ۽ مڪمل ٿيڻ سان علائقي جي عوام کي جتي سموريون بنيادي سفري سهولتون ملنديون اتي انهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ اهي خوش??ال ٿي ملڪي ترقي تي وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي قابل ٿي سگهندا. سيالڪوٽ راندين جي مصنوعات جي تياري جي حوالي سان پوري دنيا ۾ شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل موٽروي جي تعمير سان انهن مصنوعات جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ چر??ر ?? مدد ملندي جنهن سان ملڪ جي ترقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.