اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسي?? رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي مذمت ڪندي چ??و آهي ته گنيش مندر کي هڪ گروه نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار ??اقعي سزا ملڻ گهرجي، پاڪستان هندستان نه آهي، هتي ڪير فاشٽ آئيڊيالاجي حڪمراني نٿي ڪري سگهي، پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي. رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو ته وز??راعظم ۽ چيف جسٽس اف پاڪستان ان معاملي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو آهي، هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي، اسان جي لاءِ سفيد رنگ به ايتري ئي حرمت رکندڙ آهي جيتري حرمت سائي رنگ جي آهي. سفيد رنگ پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جي نشاندهي ڪري ٿو. چوڌري فواد حسين چيو ته وز??راعظم پاڪستان سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ عدالتون هڪ ترقي پسند ملڪ جي لاءِ پاڪستان جي ان آئين کي تسلم ڪن ٿيون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو واعدو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان کي پاڪستاني ڀائرن کي نسل، رنگ يا عقيدي جي بنياد تي نشانو بڻائيندڙ ع??صر?? جي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، وفاقي وز??ر چيو ته انشاءُ الله پاڪستان جو مستقبل هڪ اهڙو ترقي پسند ملڪ آهي جتي اقليتون مڪمل طور تي محفوظ هجن.