اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهوٽڪي ريل حادثي جي شهيدن ۽ ڪينيڊا ۾ قتل ٿيل پاڪستاين ??اء?? فاتحه خواني ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وزير ۽ پارلياماني معامن واري صلاحڪار اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽجڪس بابت ڪا??ينا ڪميٽي پاران ڪا??ينا کي ابتڊائي رپورٽ پيش ڪئي وئي. قانون واري وزير ڪرمنل لا ريفارمز (فوجداري قانون) جي حوالي سان اڳڀرائي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم فوجداري قانونن ۾ سڌارن جي حوالي سان قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪا??پوريش?? جو ادا ٿيل سرمائي ۽ شيئر ڪيپيٽل ۾ اضافي جي تجويز به منظور ڪري ورتي، ڪا??ينا فرسٽ وومن بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي انڊپنڊنٽ ڊائريڪٽرز ۽ چيئرمين جي مقرري جي به منظور?? ڏني وئي، ان ۾ نجيب آگره والا فرسٽ وومن بئنڪ جو نئين چيئرمين هوندو، بشريٰ احسان، صبحيه سلطان، اڪبر علي، وجاهت رسول خان ۽ نغمانه عالمگير هاشمي شامل آهن. ڪا??لٽن هوٽل ڪراچي جي زمين کي اپارٽمينٽس جي تعمير ??اء?? استعمال آڻڻ، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ جمشيد ڪوارٽرز ڪراچي جي ري جنريشن پلان جي منظوري جي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي. ڪا??ينا عامر محي الدين (بي ايس 20 سيڪريٽريٽ گروپ) کي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر پاڪستان هائوسنگ فائونڊيشن مقرر ڪرڻ جي منظور?? ڏني. ڪا??ينا اسلام آباد ڪيپٽيل ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ جا رولز قانون بابت ڪا??ينا ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيا. جسٽس (ر) ضياءُ پرويز کي ڪميشن آف انڪوائري براءِ گم ٿيل ماڻهن ۾ ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي منظور?? ڏني وئي آهي، اها سيٽ 27 ڊسمبر 2020ع تي جسٽس (ر) غوث محمد جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. ڪا??ينا عمر حبيب لوڌي کي مينيجنگ ڊائريڪٽر يوٽيلٽي اسٽورز ڪا??پوريشن آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظور?? ڏني. وفاقي ڪا??ينا قومي تراني کي جديد طرز تي جي رڪارڊ ڪرڻ (اينالاگ کان ڊولبي ايٽمز ٽيڪنالاجي کان ڊجيٽل ڪرڻ) ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظور?? ڏني. ڪا??ينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران پيش ڪيل تجويز کي به منظور ڪيو ته پي ٽي وي اسپورٽس تي سيريز اي چيمپئين شپ 19 -2018ع، پاڪستان بمقابله بنگلاديش 2020ع ڪرڪيٽ ميچز ڏيکارڻ جي ڏس ۾ پي ٽي وي پاران سوني پڪچرز نيٽ ورڪ کي ادا ڪرڻ جوڳي رقم جون ادائيگيون ڪيون وڃن تنهن هوندي به ڪا??ينا پاڪستان انگلينڊ جي ميچز جي حوالي سان پي ٽي وي کي ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا مبشر حسن (انفارميشن گروپ آفيسر) کي مينيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي مقرر ڪرڻ جي منظور?? ڏني