اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم شيخوپوره وڃي ثابت ڪري ڇڏيو ته جاويد لطيف ادارن جي خلاف بيان سندس آشيرواڌ تي ڏنو هو، ڪو به پاڪستاني جيڪو پاڪستان ۾ پيدا ٿيو هجي ۽ پاڪستان ان کي عزت ڏني هجي اهو ڪيئن پاڪستان نه کپي چئي سگهي ٿو، ادارن جي خلاف ڳالهيون ٿينديون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ اخ??يا?? ڪندو آهي. هو نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائي ر??يو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ اهڙو ماحول ٺاهڻ جي ڪ??شش ڪئي وئي جهڙوڪ ورلڊ ڪپ کٽي آيا هجن، پاڪستان جي هر باشعور م??ڻهو جاويد لطيف جي بيان جي مذمت ڪئي آهي.