اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سياسي خودغرضي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته هو هر احتجاج ۾ پنهنجو جهنڊو کڻي پهچي وڃن ٿا، اڄ حڪومت جن مشڪلاتن ۽ مسئلن جو شڪار ??هي ان جي ذميوار مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي آهي، انهن ٻنهي پارٽين ملڪي وسيلن کي بيدردي سان ڦريو ۽ پنهنجا اثاثا ٺاهيندا رهيا، ملڪي مفاد جي بيانيي کي ترويج ڏيڻ لاءِ ٻين شعبن وانگر ميڊيا جو به ??هم ڪردار ??هي، حڪومت مهانگائي تي ضآبطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهي آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ دير بالا پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خط??ب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دير بالا پريس ڪلب جي عهديدارن جا ??ور?? مڃان ٿو جو اهي اسلام آباد آيا آهن، دير بالا پريس ڪلب جو نيشنل پريس ڪلب سان ويجهو رابطو سٺي ڳالهه آهي، جنهن سان پيشيوراڻيون صلاحيتون بهتر ٿينديون، هن دير بالا پريس ڪلب جي عهديدارن کي خاطري ڪرائي ته جلد دير بالا پريس ڪلب جو دورو ڪندس، هن چيو ته صحافي پنهنجي مقامي، علائقائي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي بيانيد کي ترويج ڏيڻ لاءِ ??هم ڪردار ??دا ڪن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي اڪثر اجلاسن ۾ سرڪاري ملازمن جو ذڪر ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي ڪابينا ڪميٽي به قائم آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شيخ رشيد، حفيظ شيخ شامل آهن، اها ڪميٽي ملازمن سان ڳالهائي رهي آهي، احتجاج ڪندڙ مطئمن ٿي ويندا. هن چيو ته اڄ جي مسئلن جو بنيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جي نااهلي ۽ منصوبابندي جي کوٽ آهي.