اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص معاون بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو ا??واڻ خواجه آصف پنهنجي قانوني آمدني جي ذريعن بابت ٻڌائڻ ۽ نيب کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ??زيراعظم جي نوجوانن جي معاملن بابت خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪ??نف??نس دوران ڪيو. هن چيو ته خواجه آصف شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار جي طريقيڪار تي عمل ڪن??ي لٽ مار ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير مسلم ليگ (ن)جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اثاثه ٺاهيا.