اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ پارليماني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ض??ور?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پار??يا??ينٽ هائوس ۾ آن لائن ميٽنگ جي دوران ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻئي ملڪ غربت، انساني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپار??يا??اني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پار??يا??اني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آ??ن ۽ ٻن??ي ملڪن جي پار??يا??ينٽ ان گهڻ رخي فورمز مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.