اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، آمريڪي ملٽري ايڊ روڪرائڻ پاڪستان دشم?? ايجندا ۽ 9 مئي سانحي جي ڪڙيءَ آهي، پاڪستان دشم?? ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڪو غدار، سازشي ۽ فار?? ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، فريب، دوکي ۽ پروپئگنڊه سان هر وقت هر ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، اربين رپين جي فارن فنڊنگ ان??ي مشن جي لاءِ ورتي وئي، ان??ي فارن فنڊنگ سان ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ميڊيا مهم هلائي وئي. هن چيو ته فارن فنڊنگ سان سوشل ميڊي?? نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو جنهن جي ذريعي پاڪستان جي آئيني ۽ دفاعي ادارن ۽ ان??ن جي قيادت جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان دشم?? ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق سڃاڻي چڪي آهي، سائفر ۽ 9 مئي هڪ ئي سازش جا ٻه مرحلا آهن، سائفر جي نالي تي آمريڪا جي خلاف پروپئگنڊه ۽ 9 مئي کانپوءِ آمريڪا کان مدد وٺڻ، عوام ڄاڻي ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جون سخت شرطون ۽ پوءِ پي ٽي آءِ پاران خلاف ورزي ان??ي ايجنڊا جو حصو هو ته جيئن پاڪستان کي اهم قومي مفادن تي جهُڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي. هن چيو ته هڪ ڪٺ پتلي کي منظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد ??ي لاءِ اقتدار تي مڙهيو ويو جنهن سي پيڪ روڪيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، دهشتگردن کي پناهه ڏني ۽ هاڻي ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي مشن تي آهي. هن چيو ته ان??ي ايجنڊا تحت پاڪستان جي ويجهي، بااعتماد ۽ سدائين ڪم ڪندڙ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو، ٻاهرئين ميڊيا ۾ جاري نام نهاد انساني حقن جي مهم پڻ اصل ۾ ان??ي ڪڌي ايجنڊا جو تسلسل آهي ته جيئن پاڪستان جي عالمي امداد روڪرائي ۽ فوج جي اداري کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.