اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مختلف شهرن ۾ پرتشدد واقعن دوران ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد مذمت ڪندي امن اما?? جي صورتحال جي ڏس ۾ وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي آئي?? جي آرٽيڪل 245 تحت اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا فيصلو ڪيو ته آئين ۽ قانو?? جي خلاف سرگرمين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، دهشتگردي ۽ ڀڃ ??اه?? ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي، رياستي ۽ سرڪاري ادارن، نجي ملڪيتن، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ، آئين ۽ قانون موجب موثر قدم کنيا وڃن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي، ان فرض کي مڪمل ڪرڻ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم جي پريس ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي برطانيا جي دوري کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته سندس برطانيا جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. وزيراعظم چيو ته هن ڪنگ چارلس ٽي کي سندس تاج پوشي تي مبارڪباد ڏني ۽ ان تائين پاڪستاني عوام جون نيڪ خواهشون پهچايون. وزيراعظم چيو ته هن ڪنگ چارلس ٽي کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪئي. هن چيو ته برطانوي وزيراعظم رشي سينڪ سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته تاج پوشي جي تقريبن دوران ا?? جي ٻين عالمي اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ٿيون جن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي ڪابينا مختلف شهرن ۾ پرتشدد واقعن دوران ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان حوالي سان مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي آئي?? جي آرٽيڪل 245 تحت پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ پاڪستان آرمي جي مقرري جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا آرسٽريٽ واشنگٽن ڊي سي ۾ موجود پاڪستان چانسري جي پراڻي عمارت سڀ کان بهترين آفر ۾ وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 28 اپريل 2023ع تي ڪيل فيصل?? جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 28 اپريل ۽ 10 مئي 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصل?? جي توثيق ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ا?? جي چيئرمين عمران خان پاران هڪ عرصي کان مسلسل ادارن ۽ ا?? جي قيادت کي نشانو بڻائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. قالتاڻي حملن کان وٺي قومي ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ تائين جا ڪڌا الزام هڪ تسلسل سان هنيا پيا وڃن. اجلاس نشاندهي ڪئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت جو سوچيل سمجهيل منصوبي تحت حساس ادارن ۽ ا?? جي آفيسرن کي نشانو بڻائڻ هڪ تسلسل آهي جيڪو هاڻي حساس ادارن ۽ عمارتن تي دهشتگرد حملن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جنه?? جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، اهو رويو پي ٽي آءِ جي ماضي جي روش ۽ طرزعمل جي عين موجب آهي پر ان ۾ هاڻي وڌيڪ شدت اچي وئي آهي. اهو آئيني، قانوني يا جمهوري رويو نه پر دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. اجلاس قرار ڏنو ته ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽيسز جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل سنگين ڪيس ۾ نيب هڪ قانوني عمل جي ذريعي عمران خان کي گرفتار ڪيو جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي پنهنجي فيصلي ۾ قانوني قرار ڏنو. وڌيڪ اهو ته اڄ احتساب عدالت تفصيلي بحث ۽ ٻڌڻي کانپوءِ به ان گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو آهي پر ا?? جي باوجود پي ٽي آءِ قيادت جي اتساهڻ تي پوري ملڪ ۾ امن اما?? جي سنگين صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. اجلاس عمران خا?? جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت کي اتساهڻ تي ڪجهه سئو دهشتگردن ۽ هٿياربند جٿ?? جي ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ، حساس سرڪاري، نجي ملڪيتن کي باهه لڳائڻ، ڀڃ ??اه??، ساز و سامان ۽ اوزار?? جي ڦرلٽ، ريڊيو پاڪستان، اي پي پي ۽ پي ٽي وي جي انفراسٽرڪچر تي حملن، قومي نشريات روڪرائڻ جي ڪوشش، گاڏيون ۽ رڪارڊ ساڙڻ، شهرين ۽ سرڪاري اهلڪار?? جي زخمي ٿيڻ جي واقع?? جي شديد مذمت ڪئي. اجلاس ايڌي ۽ ٻين ايمبولينسز جي مريضن کي ڪڍي گاڏيون ساڙڻ سميت ٻين جاين تي مسافر شهرين جو گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ جهڙن واقعن جهڙي کلي دهشتگردي جي شديد مذمت ڪئي. اجلاس غازين ۽ شهيد?? جي يادگار?? جي بي حرمتي، پشاور ۾ چاغي ماڊل کي باهه لڳائڻ جهڙن واقع?? جي شديد مذمت ڪندي واضح ڪيو ته آئين ۽ قانون تحت احتجاج جيتوڻيڪ هڪ بنيادي جمهوري حق آهي جنهن کي آئين ۽ قانو?? جي مقرر حد?? جي اندر هجڻ گهرجي پر ڪنهن به مهذب ملڪ ۽ معاشري ۾ ان نوعيت جي لاقانونيت جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اجلاس طئي ڪيو ته آئين ۽ قانو?? جي منافي سرگرمين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، دهشتگردي ۽ ڀڃ ??اه?? ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي. رياستي ۽ سرڪاري ادارن، نجي ملڪيتن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ آئين ۽ قانون موجب موثر قدم کنيا وڃن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي. ان فرض کي مڪمل ڪرڻ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. اجلاس عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ته هن رياست دشمني ۽ دهشتگرد روين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ آئين ۽ قانون جو ساٿ ڏنو. اجلاس پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ سمورن ادارن، انتظاميا ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو جن سمورن خطرنجي باوجود سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن ۽ عوام جي جان ۽ مال کي بچائڻ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون.