اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي اکين 9 مئي جهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ انهن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن شرپسندن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو، سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف آرمي ايڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ 9 مئي سانحي جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي وزيرا??ظم 9 مئي سانحي جي مذمت جي حوالي سان ايوان جي قرارداد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 9 مئي تي سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس هلايا ويندا. وزيرا??ظم چيو ته ميانوالي ايئر بيس تي جيڪو جهاز بيٺل هو اهو غريب عوام جي رت پگهر جي ڪمائي سان وطن جي دفاع لاءِ خريد ڪيو ويو هو، اتي انهن جٿن باهه لڳائي، اها سڌوسنئون ملڪ دشمني نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهڙا ڪيس آرمي ايڪٽ تح?? هلايا ويندا. وزيرا??ظم واضح ڪيو ته سول ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪيس هلايا ويندا ۽ ڪا نئين قانونسازي نه ٿيندي. وزيرا??ظم چيو ته عمران نيازي گذريل ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن سڌوسنئون ڪوڙ ڳا??هايو. وزيرا??ظم شهباز شريف موجوده آرمي چيف ۽ ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي انهن جي عهدي تان هٽائڻ جي حوالي سان عمران خان جي ٽوئيٽ کي ڪوڙ ۽ دوکو قرار ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته اها ڳا??هه ان جي ذاتي ڄاڻ ۾ آهي ته جڏهن ان وقت جو ڊي جي آءِ ايس آءِ عمران خان وٽ پهتو ۽ ان کي حقيقتن جي بنياد تي ان جي گهرواريءَ جي ڪرپشن جا ثبوت فراهم ڪيا ته عمران خان کي ڪاوڙ آئي ۽ باقي تاريخ جو حصو آهي. وزيرا??ظم چيو ته 60 ارب جي ڪرپشن کي توهان ڪٿي کڻي ويندا؟ سعودي ولي عهد جي نادر تحفي کي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو ۽ جعلي رسيد ڏني وئي، ان کان وڌيڪ هن قوم ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب سان سنگين مذاق ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. وزيرا??ظم چيو ته جڏهن 60 ارب رپين جي ڪرپشن تي عمران خان کي نيب نوٽيس جاري ڪيو ته ان کي به ان جي ڄاڻ نه هئي، ان جي نتيجي ۾ 9 مئي تي جيڪا تباهي ٿي، اسان جي اکين اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، پنهنجي اقتدار ۾ عمران خان پوري اپوزيشن کي جعلي ڪيسن ذريعي ڀت سان لڳايو، جڏهن اپوزيشن جا ميمبر ڪوٽ لکپت جيل ۾ ويندا هئا ته ذاتي اناءَ جي تسڪين جي لاءِ عمران خان لاهور پهچندو هو ۽ هدايتون جاري ڪندو هو. وزيرا??ظم چيو ته 60 ارب رپيا قوم جو پئسو هو، اهي پئسا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ نه قومي خزاني ۾ اچڻ گهرجن ها، عمران خان ??اب??نا کان زبردستي ان جي منظوري ورتي. وزيرا??ظم چيو ته عمران خان آمريڪي سازش جو الزام هڻي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جون ڌڄيون اڏايون، ڏينهن رات ڪوڙ ڳا??هائي ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳا??هه وڌي وئي ته آمريڪا سازش ڪري ان جي حڪومت ختم ڪئي، هاڻي عمران خان آمريڪا کان مدد گهري رهيو آهي، عمران خان پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي برباد ڪري ڇڏيو، اُهو چين جيڪو هماليه وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، اهو چين جنهن جي – 20 جي سرينگر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪيو آهي انهي چين جي خلاف عمران خان الزام بازي ڪئي ۽ چيو ته سي پيڪ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪو به درد دل رکندڙ پاڪستاني اهڙي قسم جي ڳا??هه نه ٿو سوچي سگهي، آئون چيني قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿو جن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. وزيرا??ظم چيو ته سعودي عرب ۽ ترڪيءَ مان به سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ڪالهه منهنجي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان به ڳا??هه ٿي آهي ۽ ان سان پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه تي ڳا??هه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير مون کي ٻڌايو ته صورتحال تي ان جي نظر آهي ۽ پوري دنيا کي اسان حقيقتن کان آگاهه ڪري رهيا آهيون، ٻن، ٻن ۽ ٽن ٽن ماڻهن تي ٻڌل وفد پڻ ٻاهر موڪلينداسين. وزيرا??ظم چيو ته هي قوم 9 مئي کي ڪڏهن به نه وساريندي، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر جن شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي، شهيدن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ قائدا??ظم هائوس کي راک بڻايو انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن انهن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو. وزيرا??ظم چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سدائين صبر ۽ تحمل سان دل ڏکوئيندڙ واقعن کي منهن ڏنو ۽ جمهوري طريقيڪار اختيار ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ قوم جي امانت آهي ۽ هو قوم جي امانت کي قوم کي واپس ڪندا.