بيجنگ- 19 مئي (اي پي پي) چين سرڪ??ري طور تي اعلان ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوين قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ گروپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن ڪالهه انٽرنيشنل پريس سينٽر ۾ رٿيل پنهنجي باقاعده بريفنگ دوران چيو ته چين تڪر??ري علائقن ۾ گروپ 20 اجلاسن جي ڪنهن به شڪل جي رٿڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ۽ هو اهڙي طرح جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو. ياد رهي ته ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز گذريل ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته چين ۽ ترڪيه س??ين??ر ۾ رٿيل گروپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت 22 کان 24 مئي ??وران والاريل ڪشمير جي گرمائي گادي و??ري هنڌ س??ين??ر ۾ گروپ 20 اجلاس منعقد ڪري رهي آهي. مودي حڪومت طرفان عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪر??ري خطي ڄمو ڪشمير ۾ گروپ 20 اجلاس رٿڻ جو اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي.