لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سا?? ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته بادشاهه چارلس ۽ برطانيا جي وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دول?? مشترڪه ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سا?? ملاقات ۾ نئ??ن بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريبن جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينه?? واري تقريبن جي لاءِ شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي شخصيتن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم گذريل سا?? پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ برطانيا جي فراخدلاڻي مدد کي پڻ ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا. هن تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي سربراهي ٻنهي ملڪن جا سربراهه ڪن. بادشاهه چارلس ٽي ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سنڪ پڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪ??يو??ٽي جي ڪردار جي حوالي سا?? برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ساراهيو.