ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل تڪر??رن ۽ ٽڪراءُ جي صورتحال کان بچڻ جي لاءِ معمولي نوعيت جي ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوامي خدمت ۽ گڊ گورننس جي فروغ ۾ وفاقي ۽ صوبائي محتسبن جو اهم ڪردار آهي. هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ص??ر چيو ت?? 2017ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان هن روايتي عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تڪر??رن جي متبادل حل بابت هڪ بل جي منظوري جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? سيڪيورٽي مسئلن جي ڪري ”زوم ميٽنگز“ جهڙي آن لائين سيٽ اپ جي اهتمام جو تجربو به ڪيو ويو آهي ته جيئن عام ماڻهن کي وقت سر انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ت?? هن گذريل رات وفاقي محتسب جي 10 ڪيسن کي اڪلايو ۽ عام طور تي هو اپيلن جي ڪيسن کي رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ اڪلائي ڇڏي ٿو. صدر محتسب جي ڪردار بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ت?? هن وقت تمام گهٽ ماڻهو ان جي ڪردار کان واقف آهن. هن سرڪاري آفيسرن ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ت?? اسلام معاشر?? ۾ ??من ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ماڻهن کي ص??ر ۽ درگذر ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. ڪا به قوم صحيح معنيٰ ۾ اسلام جي قدرن ۽ تعليم تي عمل پيرا ٿئي ته ان کي ڪنهن غيرملڪي امداد جي ضرورت نه آهي. حضور نبي اڪرم ﷺ ۽ پاڻ ﷺ جي ص??ابه ڪرام جي زندگي جي معيار جو ذڪر ڪندي ص??ر ملڪ جي ايگزيڪيوٽوز کي پڻ چيو ت?? اهي ان جي پيروي ڪن ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي اختيار ڪن. عورتن جي حقن جي اهميت ?? معاشر?? ۾ ??نهن جي شموليت بابت ڳالهائيندي ص??ر چيو ت?? اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي وراثت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ قرآن مجيد ۾ ان تي وضاحت سان زور ڏنو ويو آهي. زندگي جي هر شعب?? ۾ ??ورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ص??ر عارف علوي چيو ت?? ملڪ جي 52 سيڪڙو آبادي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، عورتن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.