اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ ک??نپ??ءِ حڪومت جي اتحادي پارٽين جي ميمبرن جي سيٽن تي وڃي انهن جا ٿورا مڃيا. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم تي اعتماد جي قرارداد جي منظوري ک??نپ??ءِ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن خوشي جو اظهار ڪندي ڊيسڪون وڄايون. وزيراعظم اعتماد جو ووٽ وٺڻ ک??نپ??ءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري جي سيٽ تي وڃي ان جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ وزيراعظم جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، بي اين پي مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين ميمبرن جي سيٽن ت?? ويو ۽ هن انهن جا ٿورا مڃيا.