اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن و??ير??عظم جا ٿورا مڃيندي حڪومت پاران ڊاڪٽر عافيه جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ درخو??ست ڪئي ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائي. و??ير??عظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان حڪومت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم ڊاڪٽر عافيه جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيترن ئي سالن کان اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڊاڪٽر عافيه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻي و??ير??عظم محمد نواز شريف به ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.