اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي يادگاري ڊاڪ ٽڪ??ٽ ۽ سووينئر جاري ڪيو آهي. 20 روپيه ماليت جو يادگاري ڊاڪ ٽڪ??ٽ 56 ملي ميٽر سائيز جو آهي ۽ 15 مارچ کان ملڪ جي سڀني اهم پوسٽ آفيسن ۾ وڪري لاءِ دستاب هوندو. ڊاڪ ٽڪ??ٽ سان 50 سووينئر شيٽ به جاري ڪيو آهي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي موقعن تي يادگاري ٽڪ??ٽ جاري ڪندو آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني مينيجر فليٽلڪ بيورو ڪراچي جي پي او، يا مينيجر نيشنل فليٽلڪ بيورو، اسلام آباد جي پي او مان ڊاڪ ٽڪ??ٽن لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته درخواست سان بينڪ ??رافٽ يا ڪراسڊ چيڪ هئڻ گهرجي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي ۽ عالمي موقعن تي مختلف يادگاري ڊاڪ ٽڪ??ٽ جاري ڪندو آهي جنهن ۾ عظيم شخصيتن ۽ انهن جي ڪاميابين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي. ان تاريخي موقعي کي يادگار بنائڻ لاءِ سينيٽ آف پاڪستان به 15 کان 17 مارچ 2023ع تائين پار??يا??نٽ هائوس ۾ هڪ تاريخي ٽن ڏينهن وارو اجلاس گهرايو، جيڪو واقعي هڪ يادگار سفر جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن جي شروعات سينيٽ ڪيترائي سال اڳ ڪئي هئي. 1973?? جو سال پاڪستان جي پار??يا??اني تاريخ ۾ 1973?? جي آئين جي شڪل ۾ هڪ آئيني دور جي نشاندهي لاءِ نمايان رهندو. پاڪستان سينيٽ جي گولڊن جوبلي هڪ متحد، هم آهنگ ۽ سٺي طرح سان مربوط فيڊريشن جي طور تي 5 ڏهاڪن تي ٻڌل اسان جي قومي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.