اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عورتن جي ش??ند??ر ڪردار تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انساني حقن ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان سرگرم ڪارڪن ع??ئش?? صديقه جهڙيُون نوجوان پاڪستاني ڇوڪريون ملڪ جي روشن مستقبل جي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ع??ئش?? صديقه پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي دنيا کي هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي جدوجهد جي ذريعي معاشري ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪردار ادا ڪندڙ عورتون اميد جو ڪرڻو ۽ روشن مستقبل جي نويد آهن. واضح رهي ته 24 سالا ع??ئش?? صديقه جي خدمتن جي اعتراف ۾ ٽائيم ميگزين کيس ”هلندڙ سال جي عورت“ قرار ڏنو آهي.