لاهور – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي باني ميمبر حبيب الرحمان عرف ماني پهلوان جي تعزيت لاءِ لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو سندس گهر ??هتو، چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري مرحوم ماني پهلوان جي ڌيئرن ۽ پٽن عمران ڊار، ڪامران ڊار ۽ عامر ڊار سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم ماني پهلوان جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي پٽن سان ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري چيو ته مرحوم ماني پهلوان جمهوريت جي بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ تشدد کي منهن ڏنو، ماني پهلوان هڪ مثالي سياسي ڪارڪن هو، سندس ڀٽوازم سان وابستگي وسارڻ جوڳي نه هئي، چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جيالي ماني پهلوان جي قربانين ۽ سياسي خدمت?? کي سدائين ياد رکندي.