اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ”گهڙيءَ چور، توشه خانه چور پيش ٿئي“ جا آواز هنيا پيا وڃن پر عمران خان گم آهي، عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو ش??ق به پورو ٿي ويندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عدالت پڇي رهي آ??ي ته جوابدار ڪٿي آ??ي؟ جواب مليو ”وقت جو نه ٿا ٻڌائي سگهون“ عدالت پڇي رهي آ??ي ته جوابدار ڪهڙي وقت پي?? ٿيندو، جواب مليو ”عمران خان سان رابطو نه ٿي رهيو آهي“ عدالت گهڙيءَ چور جي حاضري جو پڇي رهي آ??ي جيڪو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو، فارن ايجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئنڪنگ ڪورٽ تي مهرباني ڪري رهيو آهي، توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لڳڻي آ??ي اتان به هي مفرور آهي، واهه ڀئي واهه. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ڌيءَ سان گڏ روزانو عدالت پي?? ٿي سگهيو پئي ته عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان گڏ ڇو نه ٿو پي?? ٿي سگهي؟ عمران خان ڏٺئي! وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوندو آهي، بشريٰ ۽ گوگي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته گهڙيءَ چور ۽ فارن ايجنٽ سڌو جيل ويندو يا سڌو عدالت. گهڙيءَ چور فارن ايجنٽ جواب ڏجان ته توشه خانه ڇو ڦريو؟ خانه ڪعبه جي گهڙيءَ ڇو وڪرو ڪئي؟ بشريٰ بي بي توشه خانه جي هيرن جا هار ڇو وڪرو ڪيا؟ عدالت ۾ پي?? ٿي جواب ڏيو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جواب ڏي ته خيرات جا پئسا سياست تي ڇو لڳايا؟ پنهنجي ملازمن جي نجي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ ڇو استعمال ڪيو؟ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جا پئسا پرائيويٽ هائوسنگ س??سا??ٽي ۾ ڇو لڳايا؟ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان لکين ڊالر ڇو ورتا؟ خيرات جو پئسو سياست ۾ ڇو لڳايو؟ فارن فنڊنگ ملڪ جي خلاف ڇو استعمال ڪئي؟