ڪراچي – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي خالي جاين جي لاءِ م??مب??ن جي نامزدگي ۾ غيرمعمولي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهم جاين ۽ فورمز تي نامزدگي ۽ مقرري جو ??مل لاڳاپيل فورم جو مدو ختم ٿيڻ يا م??مب?? جي رٽائرمينٽ کان اڳ شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهم نوعيت جي سمورن معاملن ۾ خلل ۽ دير نه ٿي سگهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، وفاقيو اردو يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايم ضياءَ الدين، يونيورسٽي جي سينيٽ م??مب??ن ۽ وفاقي تعليم ۽ پيسيواراڻي تربيت واري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جو هڪ باوقار اعليٰ تعليمي ادارو آهي ۽ ان کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اداري جي انتظامي ۽ تعليمي ونگز جي بنا رڪاوٽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت کي وڌيڪ دير کانسواءِ نامزدگين جي ??مل کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. صدر ايڇ اي سي ڪميٽي جي رپورٽ جو پڻ نوٽيس ورتو جنهن ۾ تعليمي ۽ انتظامي عهديدارن جي چونڊ ۽ مقرري ۽ ٻين معاملن ۾ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها تفصيلي رپورٽ پي?? ڪري ۽ بي ضابطگين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ذميواري جو تعين ڪري. ايڇ اي اي چيئرمين اجلاس کي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ م??مب??ن اتفاق ڪيو ته سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل سميت سمورن اهم فورمن کي وقت سر ۽ فوري فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي.