اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي سڄي ملڪ کي موٽرويز سان ??نڍڻ واري خواب جي تڪميل جو اڄ اهم ڏينهن آهي، 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽروي ايم – 06 جي پيڙهه جي پٿر بعد پشاور ڪراچي موٽروي (پي ڪي ايم) جي آخري حصي جي تعمير بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم ش??ر موٽرويز سان ??نڍجي ويندا. اڱاري ڏينهن پنهنج?? بيان ۾ هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري سان ايم -06 کي تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم – 06 کي 30 مهينن جي مختصر مدي ?? مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل سان سڄي ملڪ جي عوام کي جديد، آرامده ۽ تيز ترين سفري سهولت ملندي. ان ??ان علاوه ان موٽروي جي تعمير سان واپاري برادري کي پنهنجي سامان جي منتقلي ۾ پڻ آساني ٿيندي ?? وقت جي بچت ٿيندي، ان ??ان علاوه حادثن کان بچڻ کان علاوه جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ايندي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته بهترين شاهراهن جي تعمير سان ترقي جي قومي رفتار ۾ اضا??و ٿيندو جنهن سان پاڪستان جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. منصوبي جي تڪميل سان ملڪ ۾ واپاري سرگرميون تيز ٿينديون، واپارين، صنعتڪارن ۽ هارين کي پنهنجي مصنوعات جي ترسيل ۾ آساني ٿيندي.