ش??م الشيخ-11 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان هڪ تڪليف ڏيندڙ تباهه ڪُن ٻوڏ مان گذريو آهي جنهن سان 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اهڙو اظهار هن ڪوپ 27 ۾ انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ ۽ايف اي او جي انتظام هيٺ واٽر پويلين ۾ اعليٰ سطحي سيگمينٽ: ٿيميٽڪ ڊي 3 ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن (ڊي آر آر) ۽ بهتر معاش لاءِ پائيدار شهر کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو تقريبن هڪ ڀاڱي ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي ۽ آفت کانپوءِ ضرورت جي ڪا??ي مطابق مجموعي طور 30 بلين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته معاش جي ذريعن، زراعت ۽ـ خوراڪ شديد متاثر ٿيا آهن ۽ صديءَ جي رڪارڊ ٻوڏ پوري ملڪ کي ٽوپو گرافي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن ان سال پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ ٻوڏ جي خطري جي انتظام ۽ درياءِ سنڌ جي نظام جي لچڪ ۾ ليونگ ??نڊ?? انيشي ايٽو جي اهيمت تي زور ڏنو. پاڪستان جي بحالي ۽ موافقت جي ضرورتن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ليونگ ??نڊ?? انيشي ايٽو جو هڪ جائزو پيش ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ڪهڙيءَ طرح سنڌ طاس جي ماحولياتي نظام کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان جي حدن ۾ خاص طور تي ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت دوران سنڌو درياهه جي نظام جي ماحولياتي صحت کي بحال ڪرڻ اسان جي آبهوا کي پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. وفاقي وزير ش??م الشيخ ۾ ڪوپ 27 جي پاڪستان پويلين ۾ دي ليونگ ??نڊ?? اين ايڪسز آف ايڊاپٽيشن جي عنوان سا?? پينل ڊسڪشن کي پڻ خطاب ڪيو. هن سان گڏ واپار واري وفاقي وزير نويد ق??ر، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ۽ انوائرمينٽ جرنلسٽ عافيه سلام پڻ موجود هئا.