واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان لکين ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻ?? جي فوري فراهم?? جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻ?? جي گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي بيهڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون سان ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن نيسولر واٽر پلانٽس ذريعي پيڻ جي صاف پاڻ?? جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي فلاحي تنظيم هيومن نيسيسٽي فائونديشن (ايڇ اين ايف) طرفان فنڊ ريزنگ تقريب دوران چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان کي عالمي برادر?? جي فوري ۽ لاڳيتو مدد جي ضرورت آهي. هن تنظيم جي ڊائريڪٽر فوزيه قصوري ۽ ان جي ساٿين جي ڪوششن کي سا??اهيندي چيو ته هو ٻوڏ متاثرن جي انتهائي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن جيڪي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي آبادي کان به وڌيڪ آهن ۽ پاڪستان جي 95 هزار اسڪوائر ميل ايراضي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وئ?? جيڪا آمريڪي رياست ڪولورادو جي علائقي کان به وڌيڪ آهي جنهن جي 66 لک ماڻهن کي فوري ڌيان جي مدد جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن دوران وڏي پئماني تي سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو ۽ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي به سا??اهيو. پاڪستاني سفير چيو ته هن وقت حقيقي چئلينج ٻوڏ متاثرن جو روزگار، بحالي ۽ تعمير آهي. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي دوست م??ڪن، سرنديءَ وارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽ?? جي لاڳيتي مدد جي ضرورت آهي، جن هميشه مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.