اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جلد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي، 75 سال اڳ ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد ذريعي آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير رياست جو سنگ بنياد رکيو. 75 هين ڪشمير تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀ??رت?? پاران انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاه?? هنيو ۽ ڀارت ڪڌي حربن سان گهڻي دير پنهنجو غيرقانوني قبضو قائم نه ٿو رکي سگهي. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جو عزم ۽ حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته اسان پنهنجي ڀائر?? ۽ ??ينرن جي جائز خودمختياري جي مقصد جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.